شيخ مومل

شيخ مومل

شيخ مومل

شيخ، مومل: پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره مومل شيخ، 6 اپريل 1986ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جاويد شيخ به پاڪستان فلم انڊسٽري ۽ ٽي. وي جو ناميارو اداڪار ۽ ڊائريڪٽر آهي. مومل جي والده زينت منگي، سکر جي مشهور منگي خاندان سان تعلق رکي ٿي، جيڪا پڻ ڪنهن وقت ٽيليويزن تي اداڪاري ڪندي هئي. مومل جي پرورش هڪ پڙهيل لکيل ۽ فن سان لاڳاپيل گهراڻي ۾ ٿي، جنهن سبب کيس فني صلاحيتون ورثي ۾ مليل آهن. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات فيشن انڊسٽري ۾ بحيثيت ماڊل جي ڪئي. ان کان پوءِ هن پنهنجي فنڪارانه صلاحيتن جي مڃتا لاءِ پاڪستان جي مختلف ٽي. وي چئنلز تي نشر ٿيندڙ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري ڏسندڙن ۾ گهڻي شهرت ماڻي، انهن ڊرامن ۾: ‘مجهي خدا په يقين هي’، ‘اعتراف’، ‘يه زندگي هي’، ‘مرات العروس’، ‘ايڪ معمولي لڙڪي’، ‘قدورت’، ‘فريڪوئنسي’، ‘خوبصورت’، ‘ذارا اور مهرالنساء’ ۽ ٻيا شامل آهن. هيءَ هن وقت هڪ چئنل تي تمام مشهور شو ‘صبح سويري سماء ڪي ساٿ’ ۾ ڪمپيئرنگ جا فرائض ڏئي رهي آهي. سندس شادي 2012ع ۾ نادر نالي شخص سان ٿي.هن وقت لاهور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.04.06  عيسوي

پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره مومل شيخ، 6 اپريل 1986ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ محمد موسيٰ ڀٽو
ابو بن اڌم
هزار خان بجاراڻي
چيٽرجي سنيتي ڪمار
عثمان عباسي مخدوم
اين جي مجمدار
عرس ڏاهري
بهلول لوڌي
سونت مرلن ووز Marilyn Vos Savant
حڪيم گل محمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون